54. جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻھن استيفنس جون اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ اھي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنھنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا.
55. پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانھن نھاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين.
56. ھن چيو تہ ”اِجھو، مون کي آسمان کليل نظر ٿو اچي ۽ ابنآدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آھي.“
57. پر ھنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنھنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون.