1. پنجن ڏينھن کان پوءِ وڏو سردار ڪاھن حنانياہ ڪن بزرگن ۽ ھڪ وڪيل طرطلس سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اھي گورنر فِيلِڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تھمتون ھڻڻ لڳا.
2. جڏھن پولس کي سڏايو ويو تہ طرطلس ھن تي الزام ھڻندي چيو تہ ”جناب فِيلِڪس صاحب بھادر! اسين سائين جن جي ڪري ڏاڍي امن ۾ ٿا گذاريون ۽ اوھان جي دورانديشيءَ سبب ھن قوم جي لاءِ ڪيترائي سڌارا ٿيا آھن.
3. اسين ھر طرح ۽ ھرھنڌ اوھان جا شڪرگذار ۽ ٿورائتا آھيون.