رسولن جا ڪم 22:26-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

26. جڏھن صوبيدار ھي ٻڌو تہ ھو سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوھين ھي ڇا ڪري رھيا آھيو؟ ھي ماڻھو تہ رومي آھي.“

27. تنھن تي ڪپتان پولس وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”سچ ٻڌاءِ تون رومي آھين ڇا؟“ پولس جواب ڏنو تہ ”ھائو.“

28. تنھن تي ڪپتان چيس تہ ”مون تہ تمام وڏي رقم ڏيئي رومي ٿيڻ جا حق حاصل ڪيا آھن.“ پر پولس چيس تہ ”آءٌ تہ ڄائي ڄم کان رومي آھيان.“

رسولن جا ڪم 22