رسولن جا ڪم 20:36-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

36. جڏھن ھن ايترو چئي بس ڪئي، تڏھن سڀني سان گڏ گوڏا کوڙي دعا گھريائين.

37. ھو سڀيئي ززاروزار رنا ۽ پولس کي ڀاڪر پائي چميائون.

38. ھنن کي سڀ کان وڌيڪ ڏک ان ڳالھہ جو ٿيو جو ھن چيو تہ ”اوھين منھنجو منھن وري ڪين ڏسندا.“ پوءِ ھو پولس سان گڏجي سامونڊي جھاز تائين آيا.

رسولن جا ڪم 20