رسولن جا ڪم 2:1-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن عيد پنتيڪُست جو ڏينھن آيو تڏھن سڀيئي ايمان وارا اچي ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿيا.

2. اوچتو ئي آسمان مان ھڪ آواز آيو ۽ اھو آواز تيز ھوا جي گھوگھٽ جھڙو ھو، جنھن سان اھا سڄي جاءِ جنھن ۾ ھو ويٺا ھئا ڀرجي ويئي.

3. انھن کي باھہ جھڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي ھر ھڪ تي اچي ويٺيون.

4. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.

5. دنيا جي ھر ھڪ ملڪ مان ديندار يھودي يروشلم ۾ ٽڪيل ھئا.

6. جڏھن انھن اھو آواز ٻڌو تہ ھڪ وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. ھو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇالاءِ⁠جو ھر ھڪ انھن کي پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو.

7. انھن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو جيڪي ائين ٿا ڳالھائين، ڇا اھي سڀ گليلي نہ آھن؟

8. پوءِ ڪيئن اسان مان ھر ڪو انھن کان پنھنجي پنھنجي مادري زبان ٿو ٻڌي؟

9. جيتوڻيڪ اسين پارٿي، مادئي، عيلامي، مسوپتاميہ، يھوديہ، ڪپدڪيا، پنطس، ايشيا،

رسولن جا ڪم 2