رسولن جا ڪم 2:1-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن عيد پنتيڪُست جو ڏينھن آيو تڏھن سڀيئي ايمان وارا اچي ھڪڙي ھنڌ گڏ ٿيا.

2. اوچتو ئي آسمان مان ھڪ آواز آيو ۽ اھو آواز تيز ھوا جي گھوگھٽ جھڙو ھو، جنھن سان اھا سڄي جاءِ جنھن ۾ ھو ويٺا ھئا ڀرجي ويئي.

3. انھن کي باھہ جھڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي ھر ھڪ تي اچي ويٺيون.

4. اھي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ انھيءَ جي قدرت سان ڌاريون ٻوليون ڳالھائڻ لڳا.

5. دنيا جي ھر ھڪ ملڪ مان ديندار يھودي يروشلم ۾ ٽڪيل ھئا.

6. جڏھن انھن اھو آواز ٻڌو تہ ھڪ وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. ھو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇالاءِ⁠جو ھر ھڪ انھن کي پنھنجي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو.

7. انھن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو جيڪي ائين ٿا ڳالھائين، ڇا اھي سڀ گليلي نہ آھن؟

رسولن جا ڪم 2