رسولن جا ڪم 10:12-16 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. ان ۾ سڀني قسمن جا جانور، جيت ۽ پکي ھئا.

13. ھڪ آواز آيس تہ ”اي پطرس! اٿ ۽ اھي ڪھي کاءُ.“

14. پر پطرس چيو تہ ”اي خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِ⁠جو مون ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ ڪانہ کاڌي آھي.“

15. وري آواز آيس تہ ”جنھن کي خدا پاڪ ڪيو آھي، تنھن کي پليت نہ چئُہ.“

16. ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اھا شيءِ وري آسمان ڏانھن کڄي ويئي.

رسولن جا ڪم 10