رسولن جا ڪم 1:24-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. پوءِ انھن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻھن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو ھنن ٻن مان ڪنھن کي چونڊيو آھي تہ

25. اھو رسول جي اھا جاءِ وٺي، جنھن تان يھوداہ خارج ٿيو ۽ پنھنجيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو.“

26. پوءِ انھن ٻنھي جي لاءِ پُکا وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ ھو يارھن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

رسولن جا ڪم 1