يوحنا 7:11-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. جڏھن تہ يھودي اڳواڻ کيس عيد تي ڳولڻ لڳا ۽ پڇيائون پئي تہ ”عيسيٰ ڪٿي آھي؟“

12. ماڻھن ۾ ھن بابت ڏاڍي سس⁠پس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”ھو نيڪ ماڻھو آھي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، ھو ماڻھن کي گمراھہ ڪري رھيو آھي.“

13. پر ھن بابت ڪوبہ کليو کلايو نہ پيو ڳالھائي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو يھودي اڳواڻن کان ڊڄن پيا.

14. جڏھن عيد جا اڌ جيترا ڏينھن گذريا تہ ان مھل عيسيٰ ھيڪل ۾ ويو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو.

15. تنھن تي يھودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”ھن ماڻھوءَ وٽ ايترو علم ڪٿان آيو، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪڏھن بہ پڙھيو نہ آھي؟“

16. عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪا تعليم آءٌ ڏيئي رھيو آھيان، سا منھنجي نہ آھي پر اھا خدا جي طرفان ملي آھي، جنھن مون کي موڪليو آھي.

17. جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا جي مرضيءَ موجب ھلڻ چاھي ٿو تہ ھو انھيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اھا خدا وٽان آھي يا آءٌ پنھنجي طرفان ٿو چوان.

18. جيڪو ماڻھو پنھنجي طرفان ڪجھہ چوندو آھي سو ڪوشش ڪندو آھي تہ سندس ساراھہ ٿئي. پر جيڪو چاھي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جي ساراھہ ٿئي سو ئي سچو آھي ۽ انھيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آھي.

19. ڇا موسيٰ اوھان کي شريعت نہ ڏني ھئي؟ تڏھن بہ اوھان مان ڪو انھيءَ شريعت تي عمل نہ ٿو ڪري. اوھين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“

يوحنا 7