يوحنا 7:1-3 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. ھن کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ پئي گھميو. ھو يھوديہ ۾ وڃڻ نہ پيو چاھي، ڇالاءِ⁠جو اتي يھودي اڳواڻ کيس مارڻ لاءِ وجھہ ڳولي رھيا ھئا.

2. يھودين جي تنبن واري عيد ويجھي ھئي،

3. تنھنڪري عيسيٰ جي ڀائرن کيس چيو تہ ”ھتان نڪري يھوديہ ڏانھن ھليو وڃ، جتي تنھنجا شاگرد تنھنجا ھي ڪم ڏسن جيڪي تون ڪري رھيو آھين.

يوحنا 7