يوحنا 5:32-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

32. پر اھو ٻيو آھي جيڪو مون بابت شاھدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاھدي ھو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آھي.

33. اوھان پنھنجا قاصد يحيٰ ڏانھن موڪليا ۽ ھن سچ جي شاھدي ڏني.

34. مون کي تہ انسان جي شاھديءَ جي ضرورت نہ آھي، تنھن ھوندي بہ اھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوھان کي ڇوٽڪارو ملي.

35. يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر ھو ۽ اوھان گھڙي پلڪ ھن جي روشنيءَ ۾ خوش رھڻ پسند ڪيو.

يوحنا 5