يوحنا 21:16-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. وري ٻيو دفعو عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! تو کي خبر آھي تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”منھنجين رڍن جي سنڀال ڪج.“

17. وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار.

18. آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن تون جوان ھئين تہ پنھنجو سندرو پاڻ ٻڌندو ھئين ۽ جيڏانھن تو کي وڻندو ھو اوڏانھن گھمندو ڦرندو ھئين. پر جڏھن تون پوڙھو ٿيندين تڏھن پنھنجا ھٿ ڊگھيريندين ۽ ڪو ٻيو تو کي چيلھہ سان سندرو ٻڌي اوڏانھن وٺي ويندو جيڏانھن وڃڻ لاءِ تنھنجي دل نہ چوندي.“

يوحنا 21