27. پوءِ ھن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنھنجي آڱر ھيڏانھن ڪري منھنجا ھٿ ڏس ۽ پنھنجو ھٿ ھيڏانھن منھنجي پاسي ۾ وجھہ. بيايمان نہ ٿيءُ پر ايمان آڻ.“
28. تنھن تي توما چيس تہ ”اي منھنجا خداوند! اي منھنجا خدا!“
29. عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آھي، تنھنڪري ايمان آندو اٿيئي. پر سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا آڻين.“