يوحنا 20:1-5 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. آچر جي ڏينھن صبح جو سوير اڃا اوندھہ ئي ھئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي، ڇا ڏسي تہ قبر جي منھن تان پٿر پري ھٽيو پيو آھي.

2. سو ھوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انھيءَ ٻي شاگرد وٽ آئي، جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو ۽ کين چيائين تہ ”اھي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آھن ۽ خبر نہ آھي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“

3. تنھن تي پطرس ۽ اھو ٻيو شاگرد قبر ڏانھن روانا ٿيا.

4. اھي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، پر اھو ٻيو شاگرد پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو ۽ پطرس کان پھريائين قبر تي پھتو.

5. ھن نِوڙي قبر ۾ نھاريو ۽ ڏٺائين تہ ڪفن پيو آھي. پر ھو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو.

يوحنا 20