يوحنا 10:37-39 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

37. جيڪڏھن آءٌ پيءُ جا ڪم نہ ڪندو ھجان تہ اوھين مون تي ايمان نہ آڻيو.

38. پر جيڪڏھن پيءُ جا ڪم ڪريان ٿو، تہ اوھين ڀل مون تي ايمان نہ آڻيو پر منھنجي انھن ڪمن تي تہ ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي ۽ سمجھو تہ پيءُ مون ۾ آھي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آھيان.“

39. تنھن تي انھن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو سندن ھٿن مان نڪري ويو.

يوحنا 10