يهوداہ 1:8-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. بلڪل ساڳئي نموني اھي ماڻھو بہ پنھنجن خوابن خيالن ۾ محو ٿي پنھنجن جسمن کي ناپاڪ ٿا ڪن، اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ عظيم آسماني ھستين جي بي⁠حرمتي ٿا ڪن.

9. مگر وڏي ملائڪ ميڪائيل جڏھن موسيٰ جي لاش بابت شيطان سان جھيڙو ۽ تڪرار پئي ڪيو، تڏھن کيس ايتري ھمت نہ ٿي جو شيطان تي ڦٽڪار ڪري سگھي. پر رڳو ايترو چيائين تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“

10. پر ھي ماڻھو انھن ڳالھين تي ڦٽڪار ٿا ڪن، جن کي ھو نہ ٿا ڄاڻن ۽ جن ڳالھين کي ھو بي⁠عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجھن. اھي ئي کين تباھہ ڪن ٿيون.

11. افسوس آھي انھن تي! ڇالاءِ⁠جو ھو قابيل جي واٽ تي ھليا، نفعي جي خاطر بلعام جھڙي گمراھيءَ ۾ ڪاھي پيا ۽ قوراہ وانگر بغاوت ڪري برباد ٿيا.

12. ھي بدڪار ماڻھو اوھان جي محبت ڀرين مجلسن لاءِ نقصانڪار آھن، جيڪي بنا ڪنھن ڊپ⁠ڊاءَ جي رڳو پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوھان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِھي بي⁠آب ڪڪر آھن، جن کي ھوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِھي سرءُ جا وڻ آھن جيڪي پوريءَ طرح مئل آھن، يعني بي⁠ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آھن.

13. اِھي سمنڊ جون بي⁠قابو ڇوليون آھن، جيڪي پنھنجي بي⁠شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. ھو ڀٽڪندڙ تارا آھن، جن لاءِ ھميشہ گھُگھُہ اوندھہ رکي ويئي آھي.

14. انھن ماڻھن جي باري ۾ ئي حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙھيءَ ۾ ھو، اڳڪٿي ڪري چيو تہ ”ياد رکو، خداوند پنھنجي لکين ملائڪن سان اچي ٿو.

15. ھو انھيءَ لاءِ ٿو اچي تہ جيئن ھر ھڪ سان انصاف ڪري ۽ انھن سڀني بدڪارن کي سزا ڏئي، جن بدڪاريءَ جو طريقو اختيار ڪري بدڪاريءَ جا ڪم ڪيا. ھو انھن سڀني سخت ڳالھين لاءِ کين ڏوھاري ٺھرائيندو، جيڪي ھنن وڏن گنھگارن سندس برخلاف ڪيون آھن.“

16. اُھي ماڻھو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ ۽ پنھنجين برين خواھشن تي ھلندڙ آھن. اِھي پنھنجي لاءِ ٻٽاڪون ھڻندڙ ۽ پنھنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آھن.

17. پر اي عزيزو! اھي ڳالھيون ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رسولن اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيون آھن.

18. اُھي اوھان کي چوندا ھئا تہ ”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻھو ھوندا، جيڪي پنھنجين بدڪاريءَ وارين خواھشن جي پيروي ڪندا.“

يهوداہ 1