يعقوب 1:12-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

12. سڀاڳو آھي اھو ماڻھو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رھي. ڇالاءِ⁠جو جڏھن ھو انھيءَ امتحان ۾ پاس ٿيو تہ کيس فتح جو تاج، يعني اھا زندگي حاصل ٿيندي جنھن جو خدا پنھنجي محبت ڪرڻ وارن سان واعدو ڪيو آھي.

13. جيڪڏھن ڪو ماڻھو آزمائش ۾ پوي تڏھن کيس ائين چوڻ نہ گھرجي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آزمايو ٿو وڃان.“ ڇالاءِ⁠جو خدا بڇڙائيءَ سان نہ پاڻ آزمائجي ٿو سگھي ۽ نہ ڪنھن ماڻھوءَ کي ٿو آزمائي.

14. پر ھر ماڻھو پنھنجين ئي برين خواھشن سان ڇڪجي ۽ لالچجي آزمائش ۾ پوي ٿو.

15. تنھن کان پوءِ اھا بري خواھش ڍُڪي ٿي ڪري گناھہ کي ٿي ڄڻي ۽ گناھہ جڏھن وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏھن موت پيدا ٿو ڪري.

16. اي منھنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! دوکو نہ کائو.

17. ھر چڱي بخشش ۽ ھر ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني انھيءَ خدا پيءُ وٽان ھيٺ ٿو لھي، جيڪو آسماني روشنين جو پيدا ڪندڙ آھي. ھو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.

يعقوب 1