مڪاشفو 6:14-17 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

14. آسمان ائين گم ٿي ويو، جيئن لکيل ڪاغذ جو ورق اٿلائبو آھي ۽ سڀيئي جبل ۽ ٻيٽ پنھنجي جاين تان ھٽي ويا.

15. دنيا جا بادشاھہ، حاڪم، وڏا سردار، دولتمند ۽ پھلوان، سڀيئي ٻانھا ۽ آزاد ماڻھو غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪا.

16. اھي جبلن ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آھي، تنھن جي نظر کان ۽ گھيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو.

17. ڇاڪاڻ⁠تہ انھن جي ڪاوڙ جو زبردست ڏينھن اچي پھتو آھي، ڪير ٿو بيھي سگھي؟“

مڪاشفو 6