مڪاشفو 21:24-27 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

24. انھيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ دنيا جا بادشاھہ منجھس پنھنجو شان وَ شوڪت آڻيندا.

25. شھر جا دروازا ڏينھن جو ڪڏھن بہ بند نہ ٿيندا ۽ رات تہ اُتي ٿيندي ئي ڪانہ.

26. ماڻھو انھيءَ ۾ قومن جو شان وَ شوڪت ۽ عزت آڻيندا.

27. پر انھيءَ شھر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جھڙو ڪم ڪندڙ ھرگز داخل ٿي نہ سگھندو ۽ رڳو اھي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو گھيٽي جو آھي.

مڪاشفو 21