6. پوءِ مون ھڪڙي وڏي ميڙ جھڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ گجگوڙن جي آواز جھڙو ھو، جنھن چيو تہ”خداوند خدا جي تعريف،ڇالاءِجو خداوند اسان جو خداجيڪو قادرِمطلق آھي،سو بادشاھي ٿو ڪري.
7. اچو تہ اسين خوش ٿيون،۽ خوشيون ملھايون ۽ سندس واکاڻ ڪريون،ڇالاءِجو گھيٽي جي شاديءَ جو ڏينھن اچي پھتو آھي۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آھي.
8. انھيءَ کي صاف، چمڪندڙ ۽ عمدا ڪپڙاپائڻ لاءِ ڏنا ويا آھن.ڇاڪاڻتہ عمدن ڪپڙن مان مرادخدا جي قوم جي سچائيءَ جا ڪم آھن.“
9. ان کان پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”لک، سڀاڳا آھن اُھي، جن کي گھيٽي جي شاديءَ جي دعوت ملي آھي.“ ھن ھي بہ چيو تہ ”ھي خدا جون سچيون ڳالھيون آھن.“