مڪاشفو 18:20-24 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

20. اي آسمان! اي خدا جي سڄي قوم! اي رسول ۽ نبيو!اوھين انھيءَ شھر تي خوشيون ڪريو،ڇالاءِ⁠جو خدا انصاف ڪريھن کان اوھان جو بدلو ورتو آھي.“

21. پوءِ ھڪڙي زورآوار ملائڪ جنڊ جي چاپڙ جيڏو ھڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ”وڏو شھر بابل بہ اھڙيءَ طرحزور سان ڪيرايو ويندو۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.

22. جيڪي تنبورا ۽ بانسري وڄائيندا ۽ ڳائيندا ھئا،۽ جيڪي توتارا وڄائيندا ھئا،تن جو وري تو ۾ آواز بہ ڪونہ ٻڌبو.ڪوبہ ڪاريگر، ڪھڙي بہ ڌنڌي وارو،وري تو ۾ ڪونہ لڀندو،۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ڪنھن اٽي جي چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.

23. تو ۾ وري ڪڏھن ڏيئي جو بہ سوجھرو ڪونہ ٿيندو،۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ گھوٽ ڪنوار جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.تنھنجا سوداگر دنيا جا امير ھئا۽ سڀ قومون تنھنجي جادوگريءَ سا ٺڳجي ويون ھيون.

24. انھيءَ شھر مان نبين، خدا جي قوم وارن،۽ زمين تي جيڪي قتل ڪيا ويا آھن،تن سڀني جو رت لڌو ويو ھو.“

مڪاشفو 18