مڪاشفو 13:17-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اھو نشان نہ ھجي، يعني انھيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.

18. انھيءَ ڳالھہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي سياڻپ جي ضرورت آھي، جنھن کي سمجھہ آھي، سو انھيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو ڪنھن ماڻھوءَ جو عدد آھي ۽ اھو عدد ڇھہ ⁠سؤ ڇاھٺ آھي.

مڪاشفو 13