4. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا.
5. ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا، جتي گھڻي مٽي نہ ھئي سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري
6. جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. جيئن تہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري اھي سڪي ويا.
7. ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون ۽ انھن ڪوبہ ڦر نہ ڏنو.
8. ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا. اھي انگوريا، اڀريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ ٽيھہ داڻا، ڪن ۾ سٺ داڻا تہ ڪن ۾ سؤ داڻا بہ ڦر ھو.“