1. عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻھو اچي مڙيا جو ھو پاڻ ڍنڍ ۾ ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رھي.
2. عيسيٰ انھن کي ڪيترين ئي ڳالھين سيکارڻ لاءِ مثال پئي ڏنا ۽ تعليم ڏيندي چيائين تہ
3. ”ٻڌو، ھڪڙو ھاري ٻج ڇٽڻ ويو.
4. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا.
5. ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا، جتي گھڻي مٽي نہ ھئي سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري
6. جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. جيئن تہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري اھي سڪي ويا.
7. ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون ۽ انھن ڪوبہ ڦر نہ ڏنو.