مرقس 13:1-2 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ جڏھن ھيڪل مان ٻاھر نڪتو پئي تہ سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي استاد! ڏسو تہ ڪھڙا نہ سھڻا پٿر ۽ عمارتون آھن!“

2. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”تون جيڪي ھي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو، تن جو اھو پٿر پٿر تي نہ رھندو جو ڊاٺو نہ ويندو.“

مرقس 13