45. ڇالاءِجو ابنآدم بہ انھيءَ لاءِ نہ آيو آھي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، پر پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن جي ڇوٽڪاري جي لاءِ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي.“
46. پوءِ اھي يريحو شھر ۾ آيا. عيسيٰ جڏھن يريحو شھر مان پنھنجي شاگردن ۽ ماڻھن جي ھڪ وڏي ميڙ سان لنگھي رھيو ھو تہ رستي تي ھڪ انڌو فقير پني رھيو ھو، جنھن جو نالو بارتمئي ھو، جيڪو تمائيءَ جو پٽ ھو.
47. جڏھن ھن ٻڌو تہ عيسيٰ ناصري لنگھي آھيو آھي تڏھن رڙ ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ ابن دائود! مون تي رحم ڪريو.“