مرقس 10:1-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ اتان اٿي اردن درياءَ جي ٻيءَ ڀر يھوديہ جي حدن ۾ آيو. وري بہ ماڻھن جا ميڙ ھن وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پنھنجي دستور موجب ھو انھن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

2. ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي زال کي طلاق ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“

3. عيسيٰ جواب ۾ پڇين تہ ”موسيٰ اوھان کي ڪھڙو حڪم ڏنو آھي؟“

4. انھن چيو تہ ”موسيٰ تہ اجازت ڏني آھي تہ طلاق⁠نامو لکي ڪڍي سگھونس ٿا.“

5. عيسيٰ چيو تہ ”موسيٰ اوھان کي ھي حڪم انھيءَ لاءِ ڏنو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جي سخت⁠دليءَ جي خبر ھئي.

6. پر دنيا جي خلقت کان وٺي خدا ھنن کي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو آھي.

7. ’تنھنڪري مرد پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کي ڇڏي پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو،

8. ۽ ٻہ جسم گڏجي ھڪ ٿي ويندا.‘ پوءِ اھي ٻہ نہ، پر ھڪ آھن.

9. سو جن کي خدا ملايو آھي تن کي ماڻھو جدا نہ ڪري.“

10. پوءِ جڏھن ھو گھر موٽي آيا تہ شاگردن عيسيٰ کان ان بابت پڇيو.

11. عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻھو پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ٻي زال پرڻجي ٿو، تنھن ڄڻ زنا ڪئي،

12. ۽ اھڙيءَ طرح جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس کان طلاق وٺي ڪنھن ٻئي سان پرڻجي ٿي، تنھن زال بہ ڄڻ زنا ڪئي.“

13. ڪن ماڻھن ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ آندا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي، پر شاگردن انھن کي ڇينڀيو.

14. جڏھن عيسيٰ اھو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ انھن کي نہ جھليو، ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.

15. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاھت کي ھڪ ننڍي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، تيستائين اھو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“

16. پوءِ ٻارن کي ھنج ۾ کڻي انھن جي مٿان ھٿ رکيائين ۽ کين دعا ڪيائين.

17. عيسيٰ جڏھن رستي سان ويو پئي تہ ھڪڙو ماڻھو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس آڏو گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“

18. عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ اڪيلي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي.

19. تو کي تہ حڪمن جي خبر آھي تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاھدي نہ ڏي، ٺڳي نہ ڪر ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي عزت ڪر.“

مرقس 10