28. جلد ئي ھن جي ھاڪ سڄي گليل جي علائقي ۾ جتي ڪٿي پئجي ويئي.
29. ان کان پوءِ ھو عبادتخاني مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس جي گھر آيا.
30. شمعون جي سس بخار سبب بستري ۾ پيئي ھئي. سو جيئن عيسيٰ اتي پھتو تہ کيس ان بابت ٻڌايائون.
31. عيسيٰ ان وٽ ويو ۽ ھن کي ھٿ کان وٺي اٿاري وھاريو تہ جلد ئي کيس بخار ڇڏي ويو ۽ ھوءَ انھن جي خدمت ڪرڻ لڳي.
32. جڏھن سانجھي ٿي ۽ سج لھي ويو تہ ماڻھن عيسيٰ وٽ ڪيترا ئي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻھو آندا.
33. سڄو شھر دروازي تي اچي مڙيو.
34. عيسيٰ ڪيترن ئي مرضن جي بيمارن کي شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. ھن ڀوتن کي ڳالھائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇالاءِجو اھي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ ھو ڪير آھي.