متي 9:6-14 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“

7. اھو ماڻھو اٿيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.

8. جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!

9. عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.

10. پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏھن ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار آيا، جيڪي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا.

11. فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“

12. عيسيٰ ھي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”طبيب جي گھرج تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي ھوندي آھي.

13. وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ ھن لکت جي معنيٰ ڇا آھي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ گھرجي پر رحم کپي،‘ ڇالاءِ⁠جو آءٌ نيڪن کي نہ پر گنھگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آھيان.“

14. پوءِ عيسيٰ وٽ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جا شاگرد آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر روزا رکون ٿا، پر اوھان جا شاگرد روزا ڇو نہ ٿا رکن؟“

متي 9