10. يا سندس ٻار مڇي گھري تہ نانگ ڏئيس؟
11. جيڪڏھن اوھين باوجود بڇڙي ھئڻ جي پنھنجن ٻارن کي سٺيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪيتريون نہ وڌيڪ سٺيون شيون انھن کي ڏيندو جيڪي کانئس گھرندا!
12. جھڙيءَ طرح اوھين چاھيو ٿا تہ ماڻھو اوھان سان سلوڪ ڪن تھڙيءَ طرح اوھين بہ ٻين سان اھڙو ئي سلوڪ ڪريو. اھو ئي موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي تعليم جو نچوڙ آھي.“
13. ”اوھين سوڙھي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇالاءِجو جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانھن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آھي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آھن.