22. تہ اھي بہ ھڪدم ٻيڙي ۽ پنھنجي پيءُ کي ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.
23. عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.
24. سڄي شام ملڪ ۾ ھن جي ھاڪ پئجي ويئي. تنھنڪري ڪيترائي ماڻھو ھن وٽ بيمار وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون ھيون، جھڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگ وارا. انھن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.