متي 27:29-31 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

29. تنھن کان پوءِ انھن ھڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاھي ھن جي مٿي تي رکيو ۽ ھڪ لٺ سندس ھٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي ھن جي اڳيان گوڏا کوڙي چٿرون ڪرڻ لڳا. اھي چون پيا تہ ”سلام، اي يھودين جا بادشاھہ!“

30. پوءِ انھن ھن کي ٿڪون ھنيون ۽ اھا ئي لٺ کڻي کيس مٿي تي ڌڪ ھڻڻ لڳا.

31. جڏھن اھي چٿرون ڪري چڪا تہ اھو قرمزي جبو لھرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پھرايائونس. پوءِ ھو کيس ٻاھر وٺي آيا تہ جيئن صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻنس.

متي 27