42. عيسيٰ وري ٻيو دفعو پري ويو ۽ دعا گھريائين تہ ”اي منھنجا بابا! جيڪڏھن ھي پيالو منھنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنھنجي مرضي پوري ٿئي.“
43. پوءِ ھو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ھو وري ستا پيا آھن، ڇوتہ اھي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن.
44. وري بہ عيسيٰ انھن کي ڇڏي ويو ۽ ٽيون دفعو بہ دعا گھُري اھي ساڳيا لفظ چيائين.
45. پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ چيائين تہ ”ڇا اوھين اڃا تائين ننڊون ۽ آرام پيا ڪريو؟ اِجھو، اھا گھڙي اچي پھتي آھي ۽ ھاڻي ابنآدم گنھگارن جي حوالي ڪيو ويندو.
46. اٿو، ھلو ۽ ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رھيو آھي سو ويجھو اچي پھتو آھي.“
47. اڃا ھن ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ ھن سان گڏ ھڪڙي وڏي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن موڪليو ھو.
48. دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ’جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان تہ اھو عيسيٰ ھوندو ۽ کيس پڪڙجو.‘
49. ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائين تہ ”اي سائين! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.