متي 26:3-9 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. ھوڏانھن سردار ڪاھن ۽ يھودين جا بزرگ قائفا نالي وڏي سردار ڪاھن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا.

4. ھنن عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي،

5. پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن نہ ڪريون متان ماڻھن ۾ وڳوڙ نہ پئجي وڃي.“

6. جڏھن عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ ھو تہ

7. ھڪ عورت وٽس آئي جنھن کي ھڪ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر ھو. جڏھن عيسيٰ ماني کائي رھيو ھو تہ ان عورت اچي ھن جي مٿان عطر ھاريو.

8. شاگرد ھي ڏسي ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھي زيان ڇو ٿو ڪيو وڃي؟

9. ھي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اُھي پيسا غريبن کي ڏجن ھا.“

متي 26