متي 21:34-37 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

34. جڏھن ميوي لھڻ جو وقت ٿيو تہ ھن پنھنجا نوڪر باغائين ڏانھن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن.

35. باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ھڪڙي کي مار ڏني، ٻئي کي ماري ڇڏيو ۽ ٽئين کي سنگسار ڪري ڇڏيائون.

36. وري ھُن اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا ۽ تن سان بہ انھن ساڳي ڪار ڪئي.

37. آخر ۾ ھن پنھنجو پٽ موڪليو، ڇالاءِ⁠جو ھن جو خيال ھو تہ ھو اُن جي ضرور عزت ڪندا.

متي 21