5. ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا. اُتي گھڻي مٽي ڪانہ ھئي، سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري،
6. جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. ڇاڪاڻتہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري سڪي ويا.
7. ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انھن کي اُسرڻ نہ ڏنائون.
8. پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيھہ داڻا بہ ڦر ھو.“
9. عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“
10. پوءِ شاگرد عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”اوھان اُنھن سان مثالن ۾ ڇو پئي ڳالھايو؟“