3. ھو انھن کي ڪيتريون ئي ڳالھيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. ھن چيو تہ ”ھڪ ھاري ٻج ڇٽڻ ويو.
4. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انھن کي چُڳي ويا.
5. ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا. اُتي گھڻي مٽي ڪانہ ھئي، سو سلا جلدي اڀريا، پر پوري مٽي نہ ھئڻ ڪري،
6. جڏھن سج اڀريو تہ لھسجي ويا. ڇاڪاڻتہ انھن کي پاڙ نہ ھئي تنھنڪري سڪي ويا.