47. تنھن تي ماڻھن مان ھڪڙي عيسيٰ کي چيو تہ ”ٻڌو، اوھان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر بيٺا آھن ۽ اوھان سان ڳالھائڻ گھرن ٿا.“
48. عيسيٰ چيو تہ ”منھنجي ماءُ ڪير آھي؟ منھنجا ڀائر ڪير آھن؟“
49. پوءِ پنھنجن شاگردن ڏانھن اشارو ڪري چيائين تہ ”ڏسو، ھي منھنجي ماءُ ۽ منھنجا ڀائر آھن.
50. ڇالاءِجو جيڪوبہ منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ تي ھلندو، سو ئي منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“