19. ھي نہ جھيڙو ۽ نہ ھُل ڪندو،۽ نہ وري گھٽين ۾ ھن جو وڏو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.
20. ڦٿل ڪانو بہ ھي ڪين ڀڃندو،۽ نہ وري ٽمڪندڙ وٽ کي وسائيندو.ھي ائين ڪندو ويندو، جيستائين انصاف جي فتح نہ ڪرائي،
21. ۽ ھن ۾ سڀني قومن جون اميدون ھونديون.“
22. پوءِ ڪن ماڻھن عيسيٰ وٽ ھڪ ماڻھو آندو جيڪو انڌو ھو ۽ ڳالھائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ ھن ۾ ڀوت ھو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھو ڳالھائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.