4. تنھن تي عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ
5. انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.
6. سڀاڳو آھي اُھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“
7. جڏھن اُھي ھليا ويا تہ عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻپٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟
8. پر آخر ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ماڻھوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاھن جي محلن ۾ ھوندا آھن.