متي 10:8-10 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو.

9. کيسي ۾ پاڻ سان سون، چانديءَ يا ٽامي جو ڪوبہ سڪو نہ کڻجو،

10. سفر ۾ پاڻ سان نہ ٻاچڪو کڻجو، نڪي ٻہ ٻہ پھراڻ يا بوٽ ۽ نہ وري لٺ کڻجو، ڇالاءِ⁠جو مزور کي جيڪي گھربو سو کيس ملندو.

متي 10