4. جڏھن شھر شھر جا ماڻھو عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا تہ ھڪڙو وڏو ميڙ ٿي پيو. پوءِ ھڪڙو مثال ڏيندي کين چيائين تہ
5. ”ھڪڙو ھاري ٻج ڇٽڻ ويو ۽ ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جي لتاڙجي ويا ۽ پکي انھن کي چُڳي ويا.
6. ڪي داڻا وري ٽڪر تي ڪريا ۽ سلا اڃا اُڀريا ئي مس تہ سڪي ويا، ڇوتہ انھن کي ريج ڪونہ پھتو ھو.
7. ٻيا وري ڪانڊيرن ۾ ڪريا ۽ ڪانڊيرا، جي انھن سان گڏ اُڀريا تن اُنھن کي اُسرڻ نہ ڏنو.
8. ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سوءڻو ڦر ڏنائون.“ اھي ڳالھيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي ڇڏي.“