لوقا 7:16-18 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

16. انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“

17. اھا ڳالھہ سڄي يھوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چوطرف ھُلي ويئي.

18. اھي سڀ ڳالھيون يحيٰ کي سندس شاگردن وڃي ٻڌايون. تنھن تي يحيٰ پنھنجن شاگردن مان ٻن کي گھرايو.

لوقا 7