لوقا 4:10-19 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

10. ڇالاءِ⁠جو اھو لکيل آھي تہ ’خدا پنھنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنھنجي سنڀال ڪندا.

11. اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا تہ جيئن تنھنجو پير پٿر تي نہ لڳي.‘“

12. عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”ھي لکيل آھي تہ ’تون خداوند پنھنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“

13. پوءِ جڏھن شيطان عيسيٰ کي ھر طرح سان آزمائي چڪو تہ ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس ھليو ويو.

14. پوءِ عيسيٰ جنھن سان پاڪ روح جي طاقت گڏ ھئي، سو گليل علائقي ڏانھن موٽيو. سندس ھاڪ سڄي علائقي ۾ ھُلي ويئي.

15. ھن عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراھہ ڪئي.

16. پوءِ ھو ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي ھئي. سبت جي ڏينھن تي دستور موجب ھو عبادت⁠خاني ۾ ويو ۽ تلاوت ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو.

17. کيس يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو ۽ ھن اھو ھنڌ کوليو جتي لکيل ھو تہ

18. ”خداوند جو روح مون سان آھي،ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِمون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس.ھن مون کي موڪليو آھي تہقيدين جي رھائيءَ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان.۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان،

19. ۽ اعلان ڪريان تہخداوند جي مھربانين جو سال آيو آھي.“

لوقا 4