31. ھاڻي انھن جون اکيون کليون ۽ عيسيٰ کي سڃاتائون، پر ھو انھن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو.
32. اھي ھڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ ھو تہ جنھن مھل رستي تي ھو اسان سان ڳالھائي پيو ۽ پاڪ لکتون سمجھائي پيو، تڏھن ڄڻ تہ اسان جي اندر ۾ نور پيو ٻري؟“
33. انھيءَ ئي وقت ھو اٿي کڙا ٿيا ۽ يروشلم ڏانھن موٽي آيا، تہ اتي يارھن شاگردن کي ٻين سان گڏ ڏٺائون،
34. جيڪي چون پيا تہ ”خداوند سچپچ جيئرو ٿيو آھي ۽ ھن شمعون کي ڏيکاري ڏني آھي.“
35. تنھن تي ھنن ٻنھي انھن کي اھو سربستو احوال ٻڌايو جيڪو رستي تي ٿي گذريو ھو ۽ اھو بہ تہ ڪيئن ھنن خداوند کي ماني ڀڃڻ مھل سڃاتو ھو.
36. ھنن اڃا اھي ڳالھيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”سلام.“
37. ھو خوف ۽ ھراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون.
38. پر ھن چين تہ ”ڇو منجھي پيا آھيو ۽ اوھان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟
39. منھنجي ھٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اھو ساڳيو ئي آھيان. مون کي ھٿ لائي جاچيو، ڇالاءِجو جھڙا ھڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تھڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آھن.“