8. ھيروديس جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ڏاڍو خوش ٿيو. ھن کي گھڻي وقت کان تمنا ھئي تہ عيسيٰ کي ڏسي، ڇالاءِجو ھن بابت گھڻو ڪجھہ ٻڌو ھئائين ۽ چاھي پيو تہ ھن کي ڪو معجزو ڪندي ڏسي.
9. ھن کانئس ڪيترائي سوال پڇيا پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
10. سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم جيڪي اتي بيٺا ھئا، سي عيسيٰ تي سختيءَ سان تھمتون ھڻڻ لڳا.
11. تڏھن ھيروديس پنھنجي سپاھين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بيعزتو ڪيو. پوءِ ھن کي شاندار وڳو پھرائي واپس پلاطس ڏانھن موڪليائون.
12. انھيءَ ئي ڏينھن پلاطس ۽ ھيروديس دوست ٿي پيا، جيڪي اڳي پاڻ ۾ وڙھيل ھئا.
13. پلاطس سردار ڪاھنن، اڳواڻن ۽ عام ماڻھن کي سڏائي گڏ ڪيو.
14. کين چيائين تہ ”اوھين ھن شخص تي جا تھمت ھڻي ھت مون وٽ وٺي آيا آھيو تہ ھو قوم کي برغلائي ٿو، تنھن لاءِ مون اوھان جي اڳيان جاچي ڏٺو آھي تہ ھو اھڙي ڪنھن بہ ڏوھہ جو ڏوھاري نہ آھي، جيئن اوھين چئو ٿا.
15. ان کان علاوہ نہ ئي ھيروديس کي ھن ۾ ڪو ڏوھہ نظر آيو، ڇاڪاڻتہ انھيءَ بہ ھن کي اسان ڏانھن واپس موڪليو آھي. ھن اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت جي سزا ڏني وڃي.
18. تنھن تي سڀني وٺي رڙيون ڪيون تہ ”انھيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏيو.“
19. برابا کي شھر ۾ ڪنھن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو ھئائون.
20. پلاطس جي مرضي ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏجي. سو ھن وري بہ ھڪ دفعو ميڙ کي چيو.
21. پر ھنن گوڙ ۽ رڙين سان جواب ڏنو تہ ”صليب تي چاڙھيوس، صليب تي.“
22. پلاطس ٽيون دفعو پڇين تہ ”ڇو؟ ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟ آءٌ ھن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪوبہ سبب نہ ٿو ڏسان، تنھنڪري آءٌ کيس چھبڪ ھڻائي ڇڏي ٿو ڏيان.“
23. پر اھي واڪا ڪري زور رکي چوندا رھيا تہ ”صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ ائين گوڙ ڪري پنھنجي ڳالھہ مڃائي ويا.
24. تنھن تي پلاطس فتويٰ ڏني تہ ”سندن عرض قبول پوي.“
25. ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو جنھن لاءِ ھو چاھين پيا، جيڪو ھڪ فساد ۾ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو ھو. پر عيسيٰ کي انھن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين.
26. جيئن سپاھي عيسيٰ کي وٺي پئي ويا تہ شمعون ڪرينيءَ نالي ھڪڙو ماڻھو کين مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن پئي آيو، تنھن کي پڪڙي صليب کڻي مٿانئس رکيائون تہ ھو اھو عيسيٰ جي پٺيان کڻي ھلي.
27. ھن جي پٺيان ماڻھن جو وڏو ميڙ ھو. انھن ۾ ڪي عورتون بہ ھيون جيڪي ھن لاءِ روئنديون ۽ سينا پٽينديون پئي آيون.