8. ھيروديس جڏھن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ڏاڍو خوش ٿيو. ھن کي گھڻي وقت کان تمنا ھئي تہ عيسيٰ کي ڏسي، ڇالاءِجو ھن بابت گھڻو ڪجھہ ٻڌو ھئائين ۽ چاھي پيو تہ ھن کي ڪو معجزو ڪندي ڏسي.
9. ھن کانئس ڪيترائي سوال پڇيا پر عيسيٰ کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو.
10. سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم جيڪي اتي بيٺا ھئا، سي عيسيٰ تي سختيءَ سان تھمتون ھڻڻ لڳا.
11. تڏھن ھيروديس پنھنجي سپاھين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بيعزتو ڪيو. پوءِ ھن کي شاندار وڳو پھرائي واپس پلاطس ڏانھن موڪليائون.
12. انھيءَ ئي ڏينھن پلاطس ۽ ھيروديس دوست ٿي پيا، جيڪي اڳي پاڻ ۾ وڙھيل ھئا.
13. پلاطس سردار ڪاھنن، اڳواڻن ۽ عام ماڻھن کي سڏائي گڏ ڪيو.
14. کين چيائين تہ ”اوھين ھن شخص تي جا تھمت ھڻي ھت مون وٽ وٺي آيا آھيو تہ ھو قوم کي برغلائي ٿو، تنھن لاءِ مون اوھان جي اڳيان جاچي ڏٺو آھي تہ ھو اھڙي ڪنھن بہ ڏوھہ جو ڏوھاري نہ آھي، جيئن اوھين چئو ٿا.
15. ان کان علاوہ نہ ئي ھيروديس کي ھن ۾ ڪو ڏوھہ نظر آيو، ڇاڪاڻتہ انھيءَ بہ ھن کي اسان ڏانھن واپس موڪليو آھي. ھن اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت جي سزا ڏني وڃي.
18. تنھن تي سڀني وٺي رڙيون ڪيون تہ ”انھيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏيو.“
19. برابا کي شھر ۾ ڪنھن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو ھئائون.
20. پلاطس جي مرضي ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏجي. سو ھن وري بہ ھڪ دفعو ميڙ کي چيو.
21. پر ھنن گوڙ ۽ رڙين سان جواب ڏنو تہ ”صليب تي چاڙھيوس، صليب تي.“
22. پلاطس ٽيون دفعو پڇين تہ ”ڇو؟ ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟ آءٌ ھن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪوبہ سبب نہ ٿو ڏسان، تنھنڪري آءٌ کيس چھبڪ ھڻائي ڇڏي ٿو ڏيان.“