لوقا 23:13-35 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. پلاطس سردار ڪاھنن، اڳواڻن ۽ عام ماڻھن کي سڏائي گڏ ڪيو.

14. کين چيائين تہ ”اوھين ھن شخص تي جا تھمت ھڻي ھت مون وٽ وٺي آيا آھيو تہ ھو قوم کي برغلائي ٿو، تنھن لاءِ مون اوھان جي اڳيان جاچي ڏٺو آھي تہ ھو اھڙي ڪنھن بہ ڏوھہ جو ڏوھاري نہ آھي، جيئن اوھين چئو ٿا.

15. ان کان علاوہ نہ ئي ھيروديس کي ھن ۾ ڪو ڏوھہ نظر آيو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھيءَ بہ ھن کي اسان ڏانھن واپس موڪليو آھي. ھن اھڙو ڪوبہ ڏوھہ نہ ڪيو آھي جو کيس موت جي سزا ڏني وڃي.

18. تنھن تي سڀني وٺي رڙيون ڪيون تہ ”انھيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏيو.“

19. برابا کي شھر ۾ ڪنھن فساد ۽ خون ڪرڻ سبب جيل ۾ وڌو ھئائون.

20. پلاطس جي مرضي ھئي تہ عيسيٰ کي ڇڏي ڏجي. سو ھن وري بہ ھڪ دفعو ميڙ کي چيو.

21. پر ھنن گوڙ ۽ رڙين سان جواب ڏنو تہ ”صليب تي چاڙھيوس، صليب تي.“

22. پلاطس ٽيون دفعو پڇين تہ ”ڇو؟ ھن ڪھڙو ڏوھہ ڪيو آھي؟ آءٌ ھن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ ڪوبہ سبب نہ ٿو ڏسان، تنھنڪري آءٌ کيس چھبڪ ھڻائي ڇڏي ٿو ڏيان.“

23. پر اھي واڪا ڪري زور رکي چوندا رھيا تہ ”صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻوس.“ ائين گوڙ ڪري پنھنجي ڳالھہ مڃائي ويا.

24. تنھن تي پلاطس فتويٰ ڏني تہ ”سندن عرض قبول پوي.“

25. ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو جنھن لاءِ ھو چاھين پيا، جيڪو ھڪ فساد ۾ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو ھو. پر عيسيٰ کي انھن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين.

26. جيئن سپاھي عيسيٰ کي وٺي پئي ويا تہ شمعون ڪرينيءَ نالي ھڪڙو ماڻھو کين مليو، جيڪو ٻھراڙيءَ مان شھر ڏانھن پئي آيو، تنھن کي پڪڙي صليب کڻي مٿانئس رکيائون تہ ھو اھو عيسيٰ جي پٺيان کڻي ھلي.

27. ھن جي پٺيان ماڻھن جو وڏو ميڙ ھو. انھن ۾ ڪي عورتون بہ ھيون جيڪي ھن لاءِ روئنديون ۽ سينا پٽينديون پئي آيون.

28. عيسيٰ ڦري ھنن کي چيو تہ ”اي يروشلم جون نياڻيون! منھنجي لاءِ نہ روئو، پر پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجن ٻچن لاءِ روئو،

29. ڇالاءِ⁠جو اھي ڏينھن اچن پيا جڏھن ماڻھو چوندا تہ ’سڀاڳيون آھن اھي عورتون جيڪي سنڍ آھن، جن ڪڏھن بہ ٻار نہ ڄڻيا آھن ۽ نہ ڪڏھن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘

30. انھيءَ وقت اھي پھاڙن کي چوندا تہ ’اسان مٿان ڪِرو‘ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ’اسان کي لڪايو.‘

31. ڇالاءِ⁠جو جيڪي سائي وڻ سان ھيئن ٿا ڪن تہ سڪي وڻ سان ڇا ڇا نہ ڪندا؟“

32. انھن ٻين ٻن ماڻھن کي بہ آندو جيڪي ڏوھاري ھئا، تن کي بہ عيسيٰ سان گڏ مارڻ لاءِ وٺيو پئي ويا.

33. جڏھن اھي انھيءَ جاءِ تي پھتا جنھن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏھن انھن عيسيٰ ۽ ٻنھي ڏوھارين کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھنيا، ھڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي.

34. عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! ھنن کي بخش، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي نہ ٿا ڄاڻن تہ ھو ڇا ڪري رھيا آھن.“ اھي ھن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا.

35. ماڻھن بيٺي ڏٺو. تڏھن يھودين جي اڳواڻن مٿس چٿرون ڪندي چيو تہ ”ھون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏھن ھي خدا جو مسيح ۽ سندس چونڊيل آھي تہ ھاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“

لوقا 23