لوقا 22:55-58 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

55. جڏھن ھو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا، تڏھن پطرس بہ گڏجي انھن سان اچي ويٺو.

56. ايتري ۾ ھڪڙي نوڪرياڻيءَ ھن کي باھہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”ھي ماڻھو بہ ھن سان گڏ ھو.“

57. پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“

58. گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انھن مان آھين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اھو آءٌ نہ آھيان.“

لوقا 22