لوقا 18:6-13 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. تڏھن خداوند چيو تہ ”ٻڌءَ، ھن بي⁠انصاف جج ڇا چيو؟

7. تہ پوءِ خدا پنھنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينھن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا ھو انھن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟

8. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ھو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏھن ابن⁠آدم ايندو تڏھن الائجي ماڻھن ۾ ايمان ڏسندو يا نہ؟“

9. جن کي پنھنجي سچائيءَ تي ناز ھو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا ھئا، تن کي عيسيٰ ھڪڙو مثال ٻڌايو تہ

10. ”ٻہ شخص ھيڪل ۾ دعا گھرڻ ويا، ھڪڙو فريسي ۽ ٻيو محصول اڳاڙيندڙ.

11. فريسي بيھي پنھنجي دل ۾ ھيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنھنجو ٿورائتو آھيان جو آءٌ ٻين ماڻھن جھڙو ڦورو، بي⁠انصاف يا زناڪار نہ آھيان، نہ وري ھن محصول اڳاڙيندڙ جھڙو آھيان.

12. آءٌ ھفتي ۾ ٻہ ڏينھن روزو ٿو رکان ۽ پنھنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏھون حصو خيرات ٿو ڪريان.‘

13. پر محصول اڳاڙيندڙ پري بيٺو رھيو ۽ آسمان ڏانھن اکيون کڻي بہ نہ نھاريائين، بلڪ ڇاتي پٽي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنھگار تي رحم ڪر.‘

لوقا 18